اميد علي شاهه رضوي

اميد علي شاهه رضوي

اميد علي شاهه رضوي سياستدان

اميد علي شاهه رضوي: پ. پ اڳواڻ اُميد علي شاهه رضوي ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو هو. سيد ڀورل شاهه جو فرزند؛ صوبائي وزير علي نواز شاهه رضويءَ جو وڏو ڀاءُ ۽ درگاهه حضرت شاهه عنايت رضوي رح جي درگاهه جو سجاده نشين هو، سيد اُميد علي شاهه پيپلز پارٽيءَ جو بنيادي ميمبر هو. ٽنڊي الهيار ۾ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد به هن وڌو هو. اميد علي شاهه رضوي 1977ع ۾ پ. پ جــي ٽــڪيٽ تي ايم. اين. اي، 1993ع ۽ 1997ع جي چونڊن ۾ ايم. پي. اي چونڊيو. سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت واري دؤر ۾ سنڌ جي جيل کاتي جو صوبائي وزير رهيو ۽ ڪجهه عرصو وفاقي وزير به رهيو، پاڻ سياسي توڙي سماجي حوالي سان وڏو ماڻهو هو. هن پنهنجي دؤر ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا، ڪيترن ئي غريب ماڻهن کي نوڪريون ڏئي روزگار سان لڳايو. اهو ئي سبب آهي جو سندس خاندان اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن به سياسي شڪست ناهي کاڌي. هو ملنسار ۽ محبتي ماڻهو هو، درگاهه حضرت سيد عنايت شاهه رضويءَ جو ساليانو عرس ملهائڻ سان گڏوگڏ درگاهه شيخ موسيٰ تي پڻ هر سال عرُس مبارڪ جي تقريب ڪوٺائيندو هو، جتي لنگر جو به عام انتظام ڪندو هو. سيد اميد علي شاهه رضوي ذوالفقار علي ڀٽي، محترمه بينظير ڀٽو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي کي به ويجهو رهيو. سندن خانداني لاڳاپا پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جي خاندان سان رهيا. ٽنڊي الهيار جي هن سياسي ۽ سماجي اڳواڻ 21 جون 2012ع تي وفات ڪئي، کيس سندس وصيت موجب سندس ئي حويليءَ جي ڀرسان امام بارگاهه ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

21.06.2010  عيسوي

اميد علي شاهه رضوي 21 جون 2012ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالقادر انڍڙ
ڀانان مڱڻهار
ابڙو احمد خان شيدا
بوزدار رحيم بخش خان
جاڙڪ خان
چنگيز خان
ايم بي انصاري
اعجاز ٻرڙو
حافظ ابراهيم
عبدالله ميمڻ خليفو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون